اشو آف دي ڊي … ناجائز ٽيڪس نامنظور، گيس جا ڳرا بل اچڻ تي عوام جون دانهون، سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
48

 گيس بلن ۾ اضافي تي عوام جون دانهون  نڪري ويون، سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان حوالي سان ميمڻ اي حڪيم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گيس جو 11 سئو وارو بل 11 هزار تائين پهچي ويو، عوام لاءِ هي ملڪ جهنم بڻجي چڪو آهي،جنهن تي اخلاق احمد صديقي لکيو ته پي ڊي ايم ٽو، ارشد عزيز ميمڻ لکيو ته ظلم آهي، عبدالنبي چانڊيو لکيو ته صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، عاقب نور لکيو ته جيڪڏهن فيس بڪي رڙين سان انقلاب اچي ھان ته اڄ اسان خوشحالي واري زندگي گذاريون ھان جيسيتائين اسان عوام سجاڳ نه ٿينداسين ايسيتائين دانھن اجايو آھي ڇو جو اسان جو ملڪ سڄو تباھه آھي سڀ سياستدان پاڻ ۾ مليل آھن ڪير اسان جي دردن جو مداؤ ڪندو عوام اٿندو ته انقلاب ايندو نه ته الله خير ڪري . عبدالسلام ٻرڙو لکيو ته هاڻ ڀوڳيو، مفتي عبدالوهاب لکيو ته توهان جهڙا ماڻهو به پريشان آهن ته سوچيو غريب جو ڇا حال هوندو ؟ ڪو به سياسي نمائندو اسان کي ان آزار مان جان نٿو ڇڏائي سگهي، جيستائين عوامي انقلاب جي ذريعي عوامي نمائندو نه ايندو اسان جو ڪجھه به ٿيڻو ناهي، اياز ڪلهوڙو لکيو ته دنيا اڳتي وڌندي پئي وڃي ۽ اسان ڪاٺيون ٻارڻ جو پيا سوچيون .مطلب ته ماضي ڏانهن واپسي . چور حڪمرانن عوام کان ننڍيون ننڍيون سهولتون ۽ خوشيون به کسي ورتيون آھن .اڪبر علي ڪلال لکيو ته اسانجي ھوٽل جو بل 60 يا 70 ھزار جي وچ۾ ايندو ھيو ھاڻي ھنن حڪمرانن جي ڪري 180000 ھڪ لک اسي ھزار اچي رھيو آهي، عمر حيات به ردعمل ڏنو، نعمت الله سيال لکيو ته هنن ظالمن جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، انيل ڪمار به ردعمل ڏنو، خان فيصل لکيو ته 1300 جي جاءِ تي 5000 بل آيو آهي، منظور سومرو لکيو ته هڪ مهيني جو بل 45 هزار آيو آهي، آصف رضا نائچ، عبدالشڪور تنيو، راجا سليم کرل به ردعمل ڏنو. نثار ٻرڙو به گيس قيمتن ۾ واڌ خلاف پوسٽ شيئر ڪئي، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مون ته هڪ يونٽ به نه هلايو، بل 9 سئو رپيا اچي ويو، منهنجي سڄي فيملي ڳوٺ ويل آهي گيس هلايان ئي نٿو پوءِ به بل آيو آهي، جنهن تي مراد جان ڀيو لکيو ته ظلم آهي، فائق ٻٻر لکيو ته اسان پورو مهينو گيس ناهي هلايو پوءِ به 900 رپيا بل آيو آهي، ظلم آهي، هڪ ته فڪس چارجز 400 رپيا، ٻيا ٽيڪس الڳ لڳن ٿا. عامر علي چاچڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نامنظور نامنظور گيس بل ۾ ناجائز ٽيڪس نامنظور، غريب ماڻھو ڪيڏانهن وڃي خدارا رحم ڪريو، علي حسن ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ بيروزگار ٻيو گيس جو بل 40000 چاليھه هزار آيو آهي، گھر ۾ مريض ان جي دوا وٺي يا گيس جو بل پياري غريب وڃي ته وڃي ڪيڏانهن؟ ممتاز علي چانڊيو لکيو ته هڪ مهيني جو گيس بل 21 هزار 50 رپيا آيو آهي،  زوار بخت علي جسڪاڻي لکيو ته گيس جا بل ته هاڻي عوام کان ڄڻ ملڪيت ۾ حصو وٺي رهيا آهن، علي امان انڙ لکيو ته سول نافرماني شروع ٿي چڪي آهي، بجلي ۽ گيس جا بل عام ماڻهو وچولي طبقي جي پهچ کان گهڻو پري ٿي چڪا آهن، ڀلي ايف آءِ آر ڪرايو يا ٻي سزا ڏيو بل ماڻهو ڀري نه سگهندا، بل ڀرڻ وارا به چوري تي ويندا، آءِ ايم ايف جي ايندڙ قسط شرط وڌيڪ خطرناڪ صورتحال ٿي ويندي، ايڊووڪيٽ ارباب بڙدي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گيس جو بل اڳ جيڪو 3 هزار ايندو هو اهو 24 هزار 586 رپيا آيو آهي، لالا صدام لانگاهه لکيو ته گيس جي بلن ۾ اضافو منظور ناهي.