دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) پليئرز جي هفتيوار رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن پهرئين نمبر تي موجود آهي، آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ جو ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٻيو جڏهن ته انگلينڊ جي جوئي روٽ ٻه درجا ترقي ماڻيندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. بابر اعظم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ چوٿين کان پنجين نمبر تي هليو ويو. ٽيسٽ جي ٽاپ ڪلاس بالرن جي فهرست ۾ ڀارت جو جسپريت بُمرا سرفهرست آهي، جڏهن ته پاڪستان جي شاهين آفريدي جي رينڪنگ ۾ هڪ درجو بهتري سان 12 هين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽيسٽ آل رائونڊرن ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ موجب، بابر اعظم جو پهريون نمبر برقرار آهي، ون ڊي پليئرز رينڪنگ ۾ ڀارتي بيٽر شُڀمَن گِل ٻئي جڏهن ته ويرات ڪوهلي جي ٽئين نمبر تي موجود آهي.بالرن ۾ پهريون نمبر ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جو آهي، ٻئي تي آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ۽ ٽئين نمبر تي سندس هم وطن ليگ اسپنر ايڊم زمپا جو قبضو آهي.ون ڊي آل رائونڊرز ۾ افغانستان جو محمد نبي جو پهريون نمبر آهي.ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، ٻيو نمبر انگلينڊ جو فِل سالٽ جو آهي، ان فهرست ۾ پاڪستان جي محمد رضوان جو ٽيون ۽ بابر اعظم جو چوٿون نمبر آهي، نيوزيلينڊ جي گلين فلپس ٽي درجا ترقي کانپوءِ 11 هين نمبر تي اچي ويو آهي. آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي رينڪنگ ۾ 18 درجا بهتري آئي جنهن کانپوءِ هن 19 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جو پهريون نمبر آهي، سريلنڪا جي ونندو هسارنگا ٻئي جڏهن ته مهيش ٿيڪشنا ٽئين نمبر تي موجود آهي. ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو پهريون نمبر آهي.