اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا ۾ مقرر سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي جي ارسا جي چيئرمين طور هڪ سال جي مقرري جي مدت 17 آڪٽوبر 2022 تي مڪمل ٿي وئي آھي سنڌ بعد ارسا ايڪٽ تحت مرحلي وار ارسا چيئرمين جو عهدو ارسا ۾ مقرر وفاقي ميمبر کي منتقل ٿي ويو، 18 آڪٽوبر کان ارسا ۾ مقرر وفاقي ميمبر اسجد امتياز علي ارسا چيئرمين جي چارج سنڀالي پر اسجد امتياز علي جي ارسا ۾ وفاقي  ميمبر طور مقرري کي اڄ ٽي سال مڪمل ٿي ويا آھن، جنهن ڪري اڄ رٽائر ٿي ويندو، جڏهن ته هاڻ ارسا چيئرمين جو عهدو سال لاءِ بلوچستان صوبي کي ملڻو آھي، ارسا ۾ وفاق جي ميمبر جي مقرري تائين بلوچستان مان مقرر ارسا ميمبر عبدالحميد  مينگل  اڄ کان ارسا جو وقتي چيئرمين طور ڪم شروع ڪري ڇڏيندو ، ذريعن مطابق پاڻي مامرن جي وفاقي وزارت پاران ارسا ۾ وفاقي ميمبر طور سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪنهن پاڻي   ماهر کي مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ پاڻي وزارت پاران سنڌ حڪومت کي نالا به گهريا ويا آھن ياد رهي ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ ارسا ۾ وفاقي ميمبر ٻهراڙي سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هيو پرويز مشرف جي دور ۾ ارسا ۾ وفاقي نمائيندو ٻهراڙي سنڌ مان مقرر ٿيندو رهيو جنهن بعد اهو سلسلو رڪجي ويو جنهن بعد هاڻي ٻيهر ارسا ۾ وفاقي نمائيندو سنڌ مان مقرر ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿيون آھن جنهن جي انتهائي ذميوار ذريعن تصديق ڪئي آھي.