اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب مان مقرر ميمبر بابر حسن ڀروانا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ واري توشا خانه ريفرنس جي فيصلي تي صحيح ڪري ڇڏي، پنجاب جي ميمبر جي صحيح نه ٿيل هجڻ ڪري تفصيلي فيصلو جاري نه پئي ڪيو ويو، ڪالهه آچر ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي خصوصي ٽيم پنجاب جي ميمبر جي گهر جهنگ موڪلي وئي جنهن فيصلي تي صحيح ڪرائي،، جنهن ڪري اڄ سومر ڏينهن توشا خانه ريفرنس جو تفصيلي فيصلو جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي ته جمعي ڏينهن توشا خانه ريفرنس جو فيصلو ٻڌايو ويو هو، ان بعد 2 ڏينهن موڪل هئي، اڄ سومر ڏينهن ان فيصلي جي حوالي سان سموري صورتحال واضح ٿي ويندي.