پنجاب پاران فلڊ ڪئنال زراعت لاءِ استعمال: ربيع دوران سي جي ۽ ٽي پي مان ساڍا 3 لک ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو

0
298

پنجاب پاران فلڊ ڪئنال زراعت لاءِ استعمال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيل ربيع سيزن جي مڪمل ٿيل 23 ڏينهن دوران پنجاب جي آبپاشي کاتي ارسا جي اعتراض باوجود تڪراري سي جي لنڪ ڪينال مان هڪ لک 84 هزار 301 ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو

جڏهن ته ٽي پي لنڪ ڪينال مان پنجاب جي آبپاشي کاتي 23 ڏينهن ۾ 2 لک 8 هزار 822 ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو، سنڌ جا اعتراض نظر انداز، تفصيل موجب پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيل ربيع سيزن جا 23 ڏينهن مڪمل ٿيا آهن، ربيع سيزن جي پهرين ڏينهن يعني پهرين آڪٽوبر کان جڏهن پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران تڪراري سي جي لنڪ ڪينال مان 20 هزار ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال مان 7 هزار 880 ڪيوسڪ پاڻي کڻت شروع ڪئي ته ارسا پاران ان تي اعتراض واريندي ٻنهي ڪينالن مان پاڻي کڻت بند ڪرڻ جي پنجاب جي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي

پر پنجاب جي آبپاشي کاتي اهو چئي ارسا جون هدايتون نظر انداز ڪري ڇڏيون ته پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان اهي ٻئي ڪينال وهائي رهيو آهي ائين پنجاب جي آبپاشي کاتي ارسا ۽ سنڌ جي اعتراضن کي نظر انداز ڪندي سي جي لنڪ ڪينال مان پهرين آڪٽوبر کان 16 آڪٽوبر تائين مسلسل پاڻي جي کڻت جاري رکي، هڪ لک 84 هزار 301 ڪيوسڪ پاڻي کڻت ڪئي، 17 آڪٽوبر تي سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت بند ڪئي وئي جيڪا ڪالهه تائين بند هئي، پهرين، ٻئين ۽ ٽئين آڪٽوبر تي پنجاب سي جي لنڪ ڪينال مان روزانو 20- 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي کنيو، 4 آڪٽوبر تي 18 هزار 530 ڪيوسڪ، 5 آڪٽوبر تي 16 هزار 340 ڪيوسڪ، 6، 7 آڪٽوبر تي 15 – 15 هزار ڪيوسڪ، 8 آڪٽوبر تي سي جي لنڪ ڪينال ذريعي 13 هزار 923 ڪيوسڪ، 14 آڪٽوبر تي سي جي لنڪ ڪينال ذريعي 10248 ڪيوسڪ، 10 آڪٽوبر تي 10 هزار ڪيوسڪ، 11 آڪٽوبر تي 9423 ڪيوسڪ، 12 آڪٽوبر تي 5700 ڪيوسڪ، 13 آڪٽوبر تي 4149 ڪيوسڪ، 14 آڪٽوبر تي 2850 ڪيوسڪ، 15 آڪٽوبر تي 2178 ڪيوسڪ، 16 آڪٽوبر تي 960 ڪيوسڪ پاڻي سي جي لنڪ ڪينال مان کينو ويو

How the British transformed, subjugated the Punjab through canals — and  left it vulnerable to external shocks-India News , Firstpost

جڏهن ته پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال مان پهرين آڪٽوبر کان ڪالهه 23 آڪٽوبر تائين مسلسل پاڻي کڻت جو عمل جاري رکيو آهي، مجموعي طور تي پهرين آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال مان 2 لک 8 هزار 822 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت مڪمل ڪري ورتي آهي، 23 ڏينهن ۾ پنجاب ٽي پي لنڪ ڪينال ذريعي مجموعي طور تي 2 لک 8 هزار 822 ڪيوسڪ پاڻي کنيو آهي، جنهن ۾ پهرين آڪٽوبر ۽ ٻئين آڪٽوبر تي روزانو 7 هزار 880 ڪيوسڪ، جڏهن ته 3، 4، 5، 6، 7 ، 8 ، 9، 10، 11، 12آڪٽوبر تي روزانو 12- 12 هزار، 13، 14 آڪٽوبر تي روزانو 7711 ڪيوسڪ، 15 آڪٽوبر تي 7905 ڪيوسڪ، 16، 17 آڪٽوبر تي روزانو 7199 ڪيوسڪ، 18 ۽ 19 آڪٽوبر تي روزانو 7270 ڪيوسڪ، 20 آڪٽوبر تي 7168 ڪيوسڪ، 21 آڪٽوبر تي 6053 ڪيوسڪ، 22 آڪٽوبر تي 3433 ڪيوسڪ ۽ ڪالهه 23 آڪٽوبر تي 4144 ڪيوسڪ پاڻي ٽي پي لنڪ ڪينال ذريعي کنيو ويو، ربيع سيزن جي پهرين ڏينهن کان 23 ڏينهن تائين فصلن جي پوکي لاءِ ٽي پي لنڪ ڪينال کي پنجاب جو آبپاشي کاتو مسلسل وهائي رهيو آهي