اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن ۽ پي ايف يو جي جو ڪنويشن، گڏيل قرارداد منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، عدليا کي پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار قانون جي مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي، سينسرشپ ختم ڪري اظهار جي راءِ جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هٽايل جج شوڪت عزيز صديقي پاران عدليا ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت واري بيان جي اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي جاچ ڪرائي وڃي، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته ميڊيا اٿارٽي آرڊيننس ڪالا شاهه جو ڪارو قانون آهي، رياست جڏهن فسطائي بڻجي وڃي ته نظام تباهه ٿي ويندو آهي، وڪيل، ميڊيا سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن ۽ پي ايف يو جي جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته اظهار راءِ جي آزادي کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، پاڪستان ميڊيا اٿارٽي آرڊيننس کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته موجوده دور ۾ اسان سڀني جو آواز دٻايو پيو وڃي، مسئلو قانون جو ناهي پر پاڻ کي پاور هائوس سمجهڻ وارن جو آهي، جتي به صحافين جي تحفظ جو بل آيو، حمايت ڪنداسين، اي اين پي جي اڳواڻ افراسياب چيو ته ملڪ ۾ پنجين مارشلا آهي، نيشنل پارٽي جي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته موجوده حڪومت تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ملڪ تمام وڏي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو، پاڪستان بار جي وائيس چيئرمين خوش دل خان چيو ته وڪيل برادري آزاد ميڊيا سان گڏ آهي، وڪيلن جي حقن لاءِ به وڙهنداسين. پي ايف يو جي جي صدر ناصر زيدي چيو ته آئين کي پائمال ڪيو پيو وڃي، ميڊيا جي آزادي طاقتور ڌرين جي هٿ ۾ اچي وئي آهي، هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن حنا جيلاني چيو ته موجوده صورتحال ۾ سول سوسائٽي هٿ ٻڌي تماشو نه ڏسي، اڳيان اچي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪري، ملڪ جون طاقتور قوتون حق جو آواز دٻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته ميڊيا ۾ عوامي مسئلن ۽ شعور کي اجاگر ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، حساس ادارن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻو پوندو ۽ انهن کي پنهنجي ڪيل هر ڪم جو جواب ڏيڻو پوندو، وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد چيو ته فوج جو سربراهه ڪو خدا ناهي، ان کي پارليامينٽ وارا 10 منٽن ۾ ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڏئي ڇڏين ٿا، مان ان ڪري سياست ۾ نه ويس جو پارليامينٽ ۾ اهي ماڻهو ويٺا آهن جيڪي جاهلن وانگر قانون سازي واري عمل ۾ آڱوٺو هڻن ٿا، هي ملڪ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، هي ملڪ بلوچن، سنڌين، پنجابين ۽ پختونن جو آهي، اسان کي اهو سوچڻو پوندو ته ڇا هي ملڪ جنرلن ۽ جاگيردارن ۽ انهن جي اولاد لاءِ وجود ۾ آيو، هي قوتون جيئن ملڪ هلائڻ چاهين ٿيون تيئن ملڪ نه هلي سگهندو، صحافي مطيع الله جان ۽ حامد مير کي ڪنهن جو پيءُ به ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي، شيري رحمان چيو ته عدليا ۽ سياستدانن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو آهي، جڏهن ته صحافي بغير تحفظ جي حق ۽ سچ ڳالهائيندو آهي، هر حڪومت ۾ صحافي پهريون ۽ آخري ٽارگيٽ هوندا آهن، سافما جي اڳواڻ امتياز عالم چيو ته هن وقت پارليامينٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ڇا اهڙي پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ آواز اٿاري سگهجي ٿو؟ هن وقت ميڊيا مٿان بري طريقي جي سينسر شپ لڳل آهي، پي ٽي ايم اڳواڻ محسن داوڙ چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت آڻڻ لاءِ سياسي جماعتون پاڻ ۾ جمهوري نظام قائم ڪن ۽ ان کانپوءِ ئي ملڪ ۾ جمهوريت جو مطالبو ڪن، جيڪي وڪيل ۽ صحافي طاقتور قوتن جا سهولتڪار بڻيل هئا انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، صحافي امبر شمسي چيو ته اسان چئون ٿا ته بس هاڻي گهڻو ٿي ويو، اسان جا رڪارڊ ٿيل انٽرويو ۽ خبرون هڪ فون ڪال تي روڪيون وڃن ٿيون، سينيئر صحافي طلعت حسين چيو ته ملڪ ۾ اسٽرڪچوئل ٽيڪ اوور ٿيل آهي، پاڪستان مٿان انهن قوتن جو قبضو آهي جيڪي پرڏيهي قوتن هٿان قبضي ۾ آهن، انقلاب آڻڻ لاءِ صحيح رخ تي هلڻو پوندو، جمهوريت جي پرواهه سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي نه پر انهن جي ڪارڪنن کي هوندي آهي، صحافي حامد مير چيو ته اسان ڪنهن اداري جي خلاف ناهيون، وڪيل ۽ صحافي ان مشن تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو قائد اعظم جو مشن هو، اسان کي چيو ويندو آهي ته زبان نه کوليو ڇاڪاڻ جو حالتون خراب آهن، صحافي صرف آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪندا آهن، اسان کي هميشه قانون سان گڏ بيهڻو پوندو، منهنجي مٿان جيڪا لاقانونيت استعمال ڪئي وئي ان جو زنده مثال آهيان، مون کان تقرير ڪرڻ تي معافي جو مطالبو ڪيو ويو، مان ته معافي وٺي ڇڏي پر آئين ٽوڙڻ تي جنرل مشرف معافي ڇو نه ورتي آهي؟ عاصمه جهانگير جي نياڻي منيزي جهانگير چيو ته عاصمه جهانگير هميشه گم ٿي ويل ماڻهن جي مامري تي آواز اٿاريو ۽ ڪيترائي سوال ڪيا پر اها هن دنيا مان هلي وئي پر ان کي انهن سوالن جو جواب نه مليو، سپريم ڪورٽ بار جي صدر لطيف آفريدي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان آزاد رياست طور قائم ٿيو هو، پر هاڻي مامرو ابتو ٿي ويو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ان جي فيصلن جي ڪري انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي، ضياءُ الحق جا پٽ اربين ڊالرن جي ملڪيت جا مالڪ آهن، چيئرمين نيب انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ ميڊيا کي آزادي ملي رهي آهي پر پاڻ وٽ الٽي گنگا وهي رهي آهي، عمران خان پاڻ کي نه سڌاريو ته سندس اهڙو سياسي جلوس نڪرندو جو هو ٻيهر حڪمراني نه ڪري سگهندو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان وارو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي.