ڪراچي )نمائندن وٽان) ڪورونا 46 حياتيون کسي ورتيون، 1119 نوان ڪيس پهتا، شرح ٻيهر وڌي 3 سيڪڙو تي پهتي، ڪراچي ۾ شرح 9 ۽ حيدرآباد ۾ 6 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 14 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 605 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 19810 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 19263 گھرن ، 27 آئسوليشن سينٽرن ۽ 630 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن چيو ته 576 مريضِن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 44 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 380، حيدرآباد ۾ 23، ڄامشوري ۾ 21، ميرپورخاص ۽ سجاول ۾ 17_17، ٽنڊي محمد خان ۾ 14، ٽنڊي الهيار ۾ 13، شهيد بينظير آباد ۾ 11، دادو ۾ 10، بدين، جيڪب آباد، سانگھڙ، لاڙڪاڻي ۽ ٿرپارڪر ۾ 9_9، قمبر، نوشهري فيروز ۽ ٺٽي ۾ 8_8، ڪشمور ۾ 7،مٽياري ۾ 6، گھوٽڪي ۽ عمرڪوٽ ۾ 3_3، سکر ۾ 2 ۽ خيرپور ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ٻئي طرف سکر سول اسپتال ۾ ريجنٽ ڦاٽڪ جي رهواسڻ 45 سال جي جميله زال نعمت الله ۽ گڊو واسڻ 70 سالن جي مهانرا زال امان الله پٺاڻ فوت ٿي وئي ، ٻئي طرف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ برقرار آهي، مختلف سينٽرن تي پهچندڙ شهرين کي واپس موٽايو پيو وڃي، ايستائين جو ٻئي ڊوز لاءِ پهچندڙ شهرين لاءِ به ويڪسين ميسر ناهي، سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جا 16 سينٽر بند ٿي ويا، ان ڏس ۾ اين سي او سي جي ذريعن ٻڌايو ته چين سان پوڻا 3 ڪروڙ ويڪسينز جو معاهدو ٿيو آهي، سائنو فارم جون 2 ڪروڙ 30 لک، ڪين سائنو جون 20 لک ۽ سائنو ويڪ جون 25 لک خوراڪون ( ڊوز) جلد پهچڻ شروع ٿينديون