ملتان (م ڊ) پوليس ڪنوار سان اجتماعي لڄالٽ جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب شجاع آباد ۾ پوليس مقابلي دوران ڪنوار سان اجتماعي لڄالٽ جي ڪيس جي هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنوار سان زيادتي جي ڪيس ۾ 2 جوابدار اڳ ئي مقابلي ۾ مارجي چڪا آهن. واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ پوليس جي وردي پهريل ڦورن گهر ۾ گهڙي نئين ڪنوار کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو ۽ مزاحمت تي گهوٽ کي به زخمي ڪري وڌو هو. پوليس جوابدارن خلاف ڦر ۽ زيادتي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ هو اهو تاثر غلط آهي ته واقعو ذاتي نوعيت جو آهي، ڇو ته عورت سان اجتماعي لڄالٽ ثابت ٿي آهي، واقعو ڦر دوران زيادتي جو ئي آهي.