آمريڪا (دلچسپ نيوز) آمريڪي رياست آئيڊاهو سان تعلق رکندڙ ڊيوڊ رش 52 هفتن ۾ 52 گنيز ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. آمريڪا ميڊيا موجب سائنس، ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (STEM) جي تعليم کي پروموٽ ڪندڙ ڊيوڊ رش چيو ته هن شروع ۾ ئي اهو طئي ڪيو هو ته هر هفتي هڪ رڪارڊ ٽوڙيندس. ڊيوڊ پنهنجي رڪارڊ ٺاهڻ جو مشن ڀنل صابڻن کي وڌ کان وڌ تعداد ۾ هڪ ٻئي مٿان رکڻ جي رڪارڊ سان شروعات ڪئي هئي. هن پنهنجي مشڪل ترين رڪارڊ جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مونکي سوئيس بال تي بيهي ڪيوي فروٽ جا ننجا تلوار سان ٽڪرا ڪرڻ جو رڪارڊ سڀ کان ڏکيو لڳو هو.