شنگهائي (دلچسپ نيوز) چين ۾ هڪ اڌڙوٽ شخص کي پنهنجي 29 سالن جي پٽ جي غير شادي شده هئڻ تي ايتري شرمندگي ٿي جو اهو خودڪشي ڪرڻ لاءِ زهر کائي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ويو. اڌڙوٽ شخص ريلوي اسٽيشن تي مقرر سيڪيورٽي گارڊ جي هٿ ۾ هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو پڪڙائيندي چيو ته مان گهڻي مقدار ۾ دوا کائي ڇڏي آهي ۽ اهو چوندي ئي هو بي هوش ٿي ويو. ڪاغذ جو اهو ٽڪڙو اصل ۾ هڪ خدا هو جيڪو هن پنهنجي 29 سالن جي پٽ کي لکيو هو. چيني ميڊيا ان شخص جو نالو نه ٻڌايو پر ايترو ضرور ٻڌايو ته هن جي عمر 55 سال هئي. خط ۾ هن پنهنجي پٽ کي لکيو هو ته ڳوٺ ۾ منهنجي عمر جي ماڻهن کي پٽن ڌيئرن کان علاوه پوٽا پوٽيون به آهن ۽ تون اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو اها منهنجي نالي شرمندگيءَ جي ڳالهه آهي جيڪا هاڻ مونکان برداشت نه پئي ٿئي. ان شخص کي فورن اسپتال پهچائي سندس زندگي بچائي وئي. واضح رهي ته چين ۾ 30 سالن تائين نوجوان شادي ڪري ڇڏيندا آهن، 30 سالن تائين شادي نه ڪندڙن کي غير شادي شده پيرسن جيان سمجهندو ويندو آهي.