نيو جرسي (دلچسپ نيوز) ڇهه ڏينهن ۾ هڪ ئي اسٽور تان 3 ڀيرا ڦر لٽ ڪندڙ جوابدارن کي چوٿون ڀيران ڦرلٽ جي ڪوشش دوران پوليس گرفتار ڪري ورتو. نيو جرسي رياست جي شهر جرسي سٽي ۾ هڪ ننڍڙو اسٽور ”اوگي گروسري ڊيلي“ جي نالي سان واقع آهي. هتان 10 کان 16 جنوري دوران هڪ شخص 3 ڀيرا ڦرلٽ ڪئي. پر بعد ۾ مورِس جانسن نالي هڪ آفيسر سادي لباس ۾ اتي انتظار ڪندو رهيو ۽ هن عادي ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو. 77 سالن جي اوگي پيز اسٽور جي مالڪ آهي جيڪو پنهنجي پٽ سان گڏ اسٽور تي هوندو آهي. هن جي پيرسن جو فائدو وٺندي 34 سالن جي ٽريوس نيلي 3 ڀيرا اسٽور مان ڦرلٽ ڪئي ۽ چوٿون ڀيرو پڪڙجي پيو. پر ان ڪوشش ۾ اسٽور مالڪ جي پٽ ۽ پوليس آفيسر جوابدار کي روڪيو ته هن ڀڄڻ جي ڪوشش دوران مالڪ جي پٽ مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو ۽ گوڏي جي هڏي ٽٽي پئي. ان کان اڳ لوچيز جونيئر يعني اسٽور مالڪ جي پٽ کي اهو ئي جوابدار 2 ڀيرا زخمي ڪري ڀڄي چڪو هو.