واشنگٽن(م ڊ) اسان جي ملڪ ۾ پرڏيهي  پکين جو قدر نه آهي ۽ انهن کي ماريو ويندو آهي ۽ شهزادن ۽ حڪمرانن کي انهن کي مارڻ جا لائسنس به جاري ڪيا ويندا آهن پر سڌريل ملڪن ۾ انهن پکين لاءِ خاص انتظام ڪيا ويندا آهن ته جيئن پکي ايندا رهن. آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ جيتوڻيڪ هن وقت سوڪهڙي جي موسم آهي ۽ پاڻي اڻ لڀ آهي پر اهي علائقا جتي پکي هجرت ڪري ايندا آهن انهن علائقن ۾ انهن پکين لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي قدرتي ماحول فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.