واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال سبب 17 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب برساتن سبب لاس اينجلس سميت مختلف شهر متاثر ٿيا پر سانتا باربرا ۽ مونٽي سيٽو جهڙا شهر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. دريائن ۾ پاڻي جي بلند سطح هجڻ سبب پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن. برساتن بعد ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪيئي روڊ بند ڪيا ويا آهن.