اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي پاران صحافين کي هراسان ڪرڻ وارو ڪيس ڪنهن به صحافي خلاف انڪوائري نه ٿيڻ جي خاطري ڏيارڻ تي اُڪلائي ڇڏيو آهي،  ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي قانون موجب ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو هو، ايف آءِ اي وٽ ڪا به جاچ التوا ۾ ناهي، ايف آءِ اي سموريون انڪوائريون ختم ڪري ڇڏيون آهن. سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جي رپورٽ تي ڪيس اڪلائي ڇڏيو آهي ته صحافي خلاف ڪا به انڪوائري التوا ۾ ناهي.