واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پاڪستان کي چائلڊ سولجر پري وينشن ايڪٽ جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو، آمريڪا جي سالياني ٽريفڪ ان پسنز (ٽي آءِ پي) رپورٽ ۾ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي ڪوششن جي حساب سان ملڪن جي فهرست ٺاهي ويندي آهي، 2021ع جي فهرست ۾ افغانستان، برما، ڪانگو، ايران، عراق، لبيا، مالي، نائيجيريا، پاڪستان، صوماليا، شام، ترڪي، ڏکڻ سوڊان، ترڪي، وينزويلا جون حڪومتون شامل آهن، چائلڊ سولجرز پري وينشن ايڪٽ تحت ڪو به شخص جنهن جي عمر 18 سال هجي ۽ ان کي رياست جي هٿياربند فوج ۾ يا ان کان مختلف فورسز ۾ ڀرتي يا دشمني ۾ استعمال ڪيو ويو هجي ته چائلڊ سولجر يا ننڍي عمر وارو سپاهي سمجهيو ويندو. ان فهرست ۾ شموليت جي نتيجي ۾ ملڪن تي فوجي امداد ۽ امن مشن جي پروگرام ۾ شرڪت تي سخت پابنديون لڳي سگهن ٿيون. هوڏانهن پاڪستان اهڙي عمل کي رد ڪيو آهي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن غير رياستي هٿياربند ڌڙي جي حمايت نٿو ڪري، لسٽ ۾ پاڪستان جي شموليت حقيقتن جي ابتڙ آهي.