اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيب سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني تي نيب جي ساک ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ، عوام کي گمراهه ڪرڻ، بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ پروپئگنڊا ڪرڻ جو الزام لڳائيندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني کي ليگل نوٽيس موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، نيب ترجمان موجب نيب هڪ ڏينهن پهريان به وضاحت ڪئي هئي ته حليم عادل شيخ خلاف لاڳاپيل اٿارٽي جي اجازت بعد نيب ڪراچي ۾ شڪايت جي جاچ پڙتال کانپوءِ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهين.