حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڪاني ادارن واري کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد ڊويزن ذاڪر حسين راڌڻ کي بدلي ڪري ريجنل ڊائريڪٽر ڪراچي ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي. ذاڪر حسين راڌڻ گريڊ 20هين ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي بدلي ڪري ڪراچي ڊويزن جو ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. مڪاني ادارن واري کاتي اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.