واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ سفارتي عملي جي محفوظ واپسي لاءِ ويندڙ فوجين جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ جو بائيڊن چيو ته آمريڪي مشن جي خاتمي ۽ عملي جي حفاظت سان واپسي لاءِ 5 هزار فوجي افغانستان موڪليا ويندا. طالبان کي خبردار ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ويڙهاڪ نڪرندڙ مشن جي اهلڪارن کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪن. هن افغانستان مان فوجي ڪڍڻ جي فيصلي جو هڪ ڀيرو ٻيهر بچاءُ ڪندي چيو ته 4 آمريڪي صدرن جي دورن ۾ اسان جي فوج افغانستان ۾ موجود رهي پر هاڻ ان جنگ کي پنجين صدر تائين منتقل ٿيڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ آمريڪي سفارتخاني کي نشانو نه بڻايو ويو ته اسان جا فوجي نه اماڻيا ويندا.