سکر(بيورو رپورٽ) هيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان سوسائٽي ۾ ناقص سامان ۽ غلاضت ڏسي نجي ڪلينڪ اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو۔ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جي واپس وڃڻ کانپوء اسپتال انتظاميا پاڻمرادو ئي سيل کولي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو، نجي اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪاغذ نامڪمل هجڻ جو چئي آپريشن ٿيٽر ۽ ليبارٽري کي سيل ڪيو ويو۔ ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي ٻيهر کوليا ويا آهن۔ ٻئي طرف هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊاڪٽر عبدالمنان ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته سيل ٿي اسپتال کي ڊي سيل ڪرڻ جو ليٽر ڏنو ويندو آهي، اسپتال ڊي سيل ڪرڻ جي کيس ڄاڻ ناهي جيڪڏهن ان ليٽر کان بغير ڊي سيل ڪيو ويو آهي ته اسپتال انتظاميا مٿان ٻيڻو ڏنڊ لڳايو ويندو ۽ اسپتال کي ٻيهر سيل ڪيو ويندو۔