کوسڪي (ن پ ا) کوسڪي جي وارڊ نمبر ھڪ ۾ گھرو اڻبڻت سبب پنج ٻارڙن جي ماءُ 30 ورهين جي نجمان زال محمد علي ملاح جيت مار زھريلي دوا پي ڇڏي، جنهن سبب وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن بروقت علاج ڪري سندس حياتي بچائي ورتي.