اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا موسمي تبديلي جي اثرن کان بچاءَ لاءِ ڪابينا ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ڪاميٽي سفارشون پيش ڪندي. ڪالهه اجلاس دوران وفاقي ڪابينا کي موسمي تبديلي جي اثرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان موسمي تبديلي جي حوالي سان گذريل 10 سالن ۾ معمولي تبديلي سان گڏ دنيا جي پهرين سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيدڙ  اٺن ملڪن جي فهرست ۾ شامل آھي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي، موسمي تبديلي جا پاڪستان جي وسيلن  تي خراب اثر پئجي رهيا آھن، آبادي ۾ اضافو به ملڪي وسيلن لاءِ وڏو مسئلو آھي، موسمي تبديلي جي اثرن کي روڪڻ لاءِ فوري طور حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آھي،  ان حوالي سان مسئلن بابت گاهي ۽ موسمي تبديلي جي اثرن کان بچاءَ ، ڪوپ 27 تحت کنيل قدمن تي تفصيلي ڊاڪٽومينٽري بنائي عالمي فورمن تي پيش ڪئي وڃي، ان حوالي سان ٽي وي چينلن تي پبلڪ سروس جي ميسيج سوڌو آگاهي يقيني بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي، موسمي تبديلي جي اثرن بابت اسڪول ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ به مامرو شامل ڪيو ويندو، وفاقي ڪابينا برساتن بابت جنگي بنيادن تي حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو ، ان حوالي سان اسلام آباد سطح تي پائليٽ منصوبي جي جي تجويز به پيش ڪئي وئي ڪابينا وفاقي وزير شيري رحمان جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي جنهن ۾ لاڳاپيل وزارتن جا وزير به شامل هوندا اها ڪاميٽي موسمي اثرن کان بچاءَ لاءِ سفارشون تيار ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪندي، وزير اعظم چيو ته موسمي تبديلي ، فوڊ ۽ واٽر سڪيورٽي هڪ ٻئي سان جڙيل چيلينج آھن، ايندڙ نسلن کي انهن جي اثرن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، حڪومت موسمي تبديلي جي مسئلن جو ادراڪ رکي ٿي انهن مسئلن جو حل حڪومت جي پهرين ترجيح آھي.