اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ باوجود پيٽرول مهانگو ڪرڻ تي نوازشريف پنهنجي وزيراعظم ڀاءُ شهبازشريف سان ڪاوڙجي پيو، اجلاس ڇڏي هليو ويو، حڪومت جي ٻن اهم اتحادي پارٽين تيل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزير به تيل اگهن ۾ واڌ تي اعتراض ڪندي ناڻي وزير کان پڇاڻو ڪيو

وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ شروع ٿيو، ذريعن مطابق اجلاس دوران وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين وفاقي وزيرن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول سستو ۽ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي باوجود ملڪ اندر پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي تي سخت اعتراض واريندي ناڻي وزير تي سوالن جو مينهن وسائي ڇڏيو جنهن تي ناڻي وزير وضاحتون پيش ڪيون

پريس ڪانفرنس دوران ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ناڻي وزير چيو ته مفتاح اسماعيل چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن سوال ڪيا ته ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آھي ته پيٽرول جي قيمت ۾ ڇو اضافو ٿيو آھي مون جواب ڏنو ته  گذريل ڏينهن ۾ ڊالر جي قدر 235 رپيا هئي پر اسان پيٽرول ٽي رپيا سستو ڪيو ته ان بابت ته ڪنهن نه پڇو،ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي رهي آھي هاڻي ايندڙ حدف مهانگائي تي ضابطو آڻڻ هوندو جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو به حدف آھي، ناڻي وزير چيو ته اسان وٽ ڪوئلو ، ايل اين جي ۽ فيول خريد ڪرڻ لاءِ پيسو نه آھي. هڪ سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته آصف زداري جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو، ساڻس ملي وضاحت ڪندس

هوڏانهن حڪومت جي ٻن اهم اتحادي پارٽين تيل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اهڙن فيصلن تي لازمي طور مشاورت ڪرڻ گهرجي، اسان سڀ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيا آهيون
پهرين ترجيح رليف جي فراهمي هجڻ گهرجي، پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي، وزيراعظم سان جلد ملاقات ڪري ٻين مامرن سميت معاشي ٽيم تي ڳالهايو ويندو، جڏهن ته متحده رابطا ڪاميٽي جي ڪنوينر خالد مقبول وزيراعظم کان فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿيڻ باوجود ملڪ ۾ اگهه وڌائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي ۾ اضاف جو ڪارڻ بڻجندي. ٻئي طرف پيٽرول مهانگو ڪرڻ تي نوازشريف پنهنجي وزيراعظم ڀاءُ شهبازشريف سان ڪاوڙجي پيو

اجلاس ڇڏي هليو ويو، تصديق ڪندي مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ چيو ته ڀلي ڪهڙي به مجبوري هجي، آئون ان فيصلي جو حامي ناهيان، عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ جي حق ۾ ناهيان، آئون عوام تي هڪ رپئي جو به بار وجهڻ نٿو چاهيان، نوازشريف پنهنجو موقف پيش ڪري اجلاس مان اٿي ويو. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز به چيو ته آئون فيصلي جي تائيد نٿي ڪري سگهان، آئون عوام سان گڏ بيٺل آهيان