آئين جي مختلف شقن کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: رضا رباني

0
194
آئين جي مختلف شقن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هلندڙ لٽريچر فيسٽيول  ۾ آئين بابت سيشن ۾ خطاب ڪندي پ پ سينٽر رضا رباني چيو آهي ته هتي آئين جي مختلف شقن کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، آئين تي الزام اجايا آهن ته آئين اسان کي ڪجهه به ناهي ڏنو، پاڪستان جو آئين وفاقيت پارلياماني نظام ۽ جمهوريت تي ٻڌل آهي

هن چيو ته ايترا سال گذرڻ باوجود اڄ به ان بحث ۾ الجهيل آهيون ته آئين هجي يا صدارتي نظام هجي، هتي اڄ به ڪوشش ٿي رهي آهي ته وفاق جي نالي تي ون يونٽ قائم ڪجي، هتي اسان پارليامينٽ بجاءِ پنڊي ڏانهن نهاري رهيا آهيون

هن چيو ته ان جي پٺيان ھڪ سبب ھو جنهن ڪميٽي ارڙھين ترميم ٺاھي ان جو ڊاڪٽر مالڪ به ميمبر ھو، سينٽرل مائينڊ جيڪو ھڪ پارٽي جو ناھي انهي پھرين ڏينهن کان ئي ارڙھين ترميم قبول ناھي ڪيو ھنن جي ڪوشش ھئي ته ارڙھين ترميم کي روڪيو وڃي ۽  اسانجي پنهنجي ماڻهن تعليم ۽ صحت جي صوبن ڏانهن منتقلي نه ٿئي

هن چيو ته ھر سال اين ايف سي ايوارڊ اچڻو آھي جيڪو يارھن ٻارھن سالن کان ناھي آيو آئون سمجھان ٿو ته اصل جھيڙو فنڊز تي آھي انهن جي ڪوشش آھي ته اھي فنڊز صوبن کان واپس ورتا وڃن

فنڊز جي مجموعي صورتحال ڏسڻي پوندي پوري معاشري ۾ ڪرپشن چوٽ چڙھيل آھي، جيستائين سولين سُپرميسي قائم نه ٿيندي تيستائين ملڪ ۾ ترقي ممڪن ناهي، بلوچستان جو ريڪوڊيڪ اڃا تائين صوبي وٽ ناهي ويو صوبن ۾ تيل ۽ گيس جي رائلٽي جا حق به نه ٿا ملن

جسٽس شائق عثماني

جسٽس شائق عثماني خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو متفقه آئين ٺاهيو، ايتري قدر جو مذهبي عالمن به ان کي قبول ڪيو ، اسان جي ملڪ ۾ رياستي ادارن کي جڏهن به موقعو مليو ته آئين کي ٽوڙي پنهنجا مقصد حاصل ڪندا رهيا آهن

هن چيو ته 73ع جي آئين ۾ ڪا به خامي ناهي، اِرڙهين ترميم وسيلي وفاق جا اختيار گهٽائي صوبن کي اختيار ڏنا ويا، هر ڀيري وفاق صوبن ۾ مداخلت ڪندو رهي ٿو ۽ وفاق اڃا تائين پورا اختيار صوبن کي ناهن ڏنا

هن چيو ته جيڪڏهن صوبن کي اختيار آھن ته اھي صوبا به ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اختيار منتقل ڪن، جيڪڏهن اھي نٿا ٿين ته ان ارڙھين ترميم جو فائدو ڪوئي ناھي ھر اختيار سي ايم وٽ آھي

جسٽس رٽائرڊ ناصره اقبال

جسٽس رٽائرڊ ناصره اقبال چيو ته آئين جو قدر تڏھن ٿيندو جڏھن چونڊيل نمائندن کي ان جي خبر ھجي ته آئين آھي ڇا؟ اسان جي سمورن صوبن جي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ثقافت آھي، آئين ڀٽي کي ڦاھي تي نه لٽڪايو، ھي آئين اسان ٺاھيو آھي ته ان جي پاسداري ڪرڻ به ااسان جو ئي فرض آھي

هن چيو ته  آئين کي مقيد ڪيو وڃي، ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن ڦاهي چاڙهيو ويو ته ان وقت آئين معطل هئي، هتي اقتدار ۾ جيڪو اچي ٿو اهو پاڻ کي بادشاهه سمجهي ٿو

هن چيو ته آئين سڀني شين جو تحفظ ڏئي جيستائين بلدياتي نظام فعال نه ڪندو تيستائين عوام کي ڪو فائدو نه ٿيندو، روڊ رستا،  تعليم صحت سڀ بلديات وارا ڪندا، آئين تي جيڪڏهن صحيح عمل نه ٿيندو ته اھو آئين ڇا ڪندو

صحافي مجاهد بريلوي

صحافي مجاهد بريلوي چيو ته آئين هڪ سياسي وزيراعظم کي ڦاهي کان بچائي نه سگهي پر پرويز مشرف کي گارڊ آف آرنر ڏئي ٻاهر موڪليو ويو، جيڪي فنڊز اچن ٿا اھي به مالھي جي اڪائونٽ ۾ ھليا ٿا وڃن

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ لٽريچر فيسٽيول جواڄ آخري ڏينهن، مختلف موضوعن تي 27 سيشن ٿيندا