ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾  ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشورو جي سال  2022 لاءِ  ٿيل چونڊن ۾ راجا جواد علي ساهڙ صدر چونڊجي ويو، ضلعي بار ايسوسيئيشن جي  سالياني چونڊ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج اورنگزيب عالمگير قاضي جي نگراني ۾ ٿي، چونڊ ۾ ٻن ٻئنل حصو ورتو، جن ۾ پروفيشنل گروپ پاران صدارتي اميدوار ايڊوڪيٽ راجا جواد علي ساهڙ ۽ نور سپيو گروپ طرفان صدارتي اميدوار ايڊوڪيٽ نورالامين سپيو ۽ سندن پئنلن حصو ورتو،  ڪل 193 ووٽن منجهان 183 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جن ۾ 112 ووٽ کڻي راجا جواد علي ساهڙ صدر چونجي ويو. اليڪشن ۾ جنرل سيڪريٽري ممتاز علي سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري رفيق احمد ڪلهوڙو، خزانچي مشتاق احمد ابڙو، لائبريرين علي رضا ميمڻ چونڊيا ويا.