چيف جسٽس ڪجهه مهينن لاءِ ايندو ته ڪجهه به نه ڪري سگهندو، مدو 3 سال هجڻ گهرجي: جسٽس منصور علي شاهه

0
371
چيف جسٽس ڪجهه مهينن لاءِ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته اعليٰ عدالتن ۾ مقررين بابت نئين پاليسي جوڙي وڃي ۽ ڪيسن جي نبيري لاءِ هڪ سال جو وقت هجڻ گهرجي

لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ ٻن ڏينهن واري فيوچر آف پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چيف جسٽس جيڪڏهن ڪجهه مهينن لاءِ اچي ته هو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، چيف جسٽس جي عهدي جو مدو 3 سال هجڻ گهرجي

هن وڌيڪ چيو ته عدليه ۾ مقرريون سليڪشن جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجن، اعليٰ عدليه ۾ مقررين جي پاليسي کي بحال ڪيو وڃي ۽ عورت ججن جي مقرري بابت جامع پاليسي جوڙي وڃي

جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي عدليه ڪنهن به قسم جي دٻاءُ جو شڪار ناهي، جج پنهنجن فيصلن ۾ آزاد آهن، عدالتي ڪارروائي جائز آهي پر ان کي سياست جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي

جسٽس منصور علي شاهه وڌيڪ چيو ته سوموٽو اختيار جو ناجائز استعمال ٿيندو آهي، ان کي وڏي بينچن کي استعمال ڪرڻ گهرجي، سوموٽو بينچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 يا 7 جج هجڻ گهرجن

هن اهو به چيو ته ڪيسن جي نبيري لاءِ هڪ سال جو وقت هجڻ گهرجي ۽ ڪيسن جي فيصلي کان اڳ ٽياڪڙي جي روايت کي فروغ ڏنو وڃي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته 70 سالن کان عدليه ۾ ڪو به اثرائتو سڌارو ناهي آيو، ان ڪري عدليه ۾ موثر سڌارا آڻڻ جي فوري ضرورت آهي