آءِ سي سي رينڪنگ: ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ بابراعظم جي بادشاهي برقرار

0
314
آءِ سي سي رينڪنگ: ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ بابراعظم جي بادشاهي برقرار
آءِ سي سي رينڪنگ: ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ بابراعظم جي بادشاهي برقرار

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. آءِ سي سي موجب ٽي ٽوئنٽي جي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابراعظم جو پهريون نمبر برقرار آهي ۽ رضوان ٻي نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارتي سپر اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي هڪ درجو ترقي بعد 24 هين نمبر تي اچي ويو آهي

ٽي 20 بولنگ رينڪنگ ۾ جوش هيزل ووڊ پهرين نمبر تي برقرار آهي، آل رائونڊرن ۾ محمد نبي پهرين نمبر تي برقرار آهي. ون ڊي رينڪنگ ۾ بابراعظم پهرين، امام الحق ٻئي نمبر تي برقرار آهي

وين ڊر ڊوسن ويرات ڪوهلي کان ٽئين پوزيشن کسي ورتي. ون ڊي بولنگ رينڪنگ ۾ ٽرينٽ بولٽ پهرين، جسپريت بمراهه ٻئي ۽ شاهين آفريدي ٽئين نمبر تي موجود آهن. ون ڊي آل رائونڊرن ۾ شڪيب الحسن پهرين، محمد نبي ٻئي ۽ راشد خان ٽئين نمبر تي موجود آهي