ڳاڙهي مٿي وارن شهرين کي 2 ڏينهن سئنيما ۾ مفت فلمون ڏسڻ جي آڇ

0
183
ڳاڙهي مٿي وارن شهرين کي 2

لنڊن (اسپورٽس نيوز) برطانيا ۾ هڪ سئنيما گهر هلائيندڙ ڪمپني ڳاڙهن وارن وارن شهرين کي ملڪ ۾ ڪنهن به جاءِ پنهنجي سينيما گهرن ۾ مفت فلمون ڏسڻ جي آڇ ڪئي آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا هنن ڏينهن ۾ شديد گرميءَ جي لپيٽ ۾ آهي، اڱاري ڏينهن تاريخ جو گرم ترين ڏينهن 40 سينٽي گريڊ رهيو. ان شديد گرميءَ جي لهر ۾ شو ڪيس سينيماز نالي ڪمپني برطانيا ۾ ڳاڙهن وارن جي شهرين کي مفت ۾ پنهنجي ايئرڪنڊيشن سينيمائن ۾ فلمون ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو آهي

اطلاعن موجب تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته هيٽ ويو ۾ ڳاڙهي مٿي وارا ماڻهو گهڻو متاثر ٿيندا آهن ۽ هنن ۾ جلد ڪينسر جو خطرو به وڌي ويندو آهي. ان لاءِ هنن کي هيٽ ويو کان بچائڻ لاءِ ڪمپني 2 ڏينهن لاءِ هنن کي سينيما گهرن ۾ فلمن جي مفت ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو