پشاور (م ڊ) اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي ۾ معطل ڪيل مڪاني چونڊون 13 فيبروري تي ڪرائڻ جو اعلان  ڪيو آهي، ترجمان اليڪشن ڪميشن مطابق ڪي پي ڪي ۾ اميدوارن جي وفات سبب ملتوي ڪيل اليڪشن هاڻ 13 فيبروري تي ڪرائي ويندي، صوبائي اليڪشن ڪميشن مطابق ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميئر سٽي ڪائونسل جي سيٽ تي اليڪشن به 13 فيبروري تي ٿيندي، ترجمان موجب مڪاني چونڊن لاءِ مجموعي طور 89 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جن جي جاچ پڙتال اڄ 15 جنوري تي ختم ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 17 کان 18 جنوري تائين ڪري سگهبي.