پرويز خٽڪ حق جي ڳالهه ڪئي،سنڌ جون جماعتون خاموش بڻيل آهن:سعيد غني

0
194
پرويز خٽڪ حق جي ڳالهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پرويز خٽڪ کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن گهٽ ۾ گهٽ گئس بحران تي پنهنجي تڪ جي عوام جي نمائندگي ڪئي، حڪومت سان گڏ ويٺل سنڌ جون اتحادي جماعتون خاموش تماشائي بڻيل آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته سنڌ صوبو ضرورت کان وڌيڪ گيس پيدا ڪري ٿو پر گهرن ۾ چلها ٻارڻ لاءِ گيس ناهي، هن چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي کان چار ڀيرا ڌار ٿي ٿي هئي، هاڻي ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي به ناهي ڏني، مخالف ڌر کي ڳالهائڻو آهي ته مهانگائي، ڀاڻ، پيٽرول، گيس جي ڳالهه ڪري

هن چيو آهي ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ هنن کي شڪست نظر اچي رهي آهي، سنڌ ۾ عوامي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي بنياد تي شور مچايو پيو وڃي

سعيد غني چيو ته ڪالهه ئي مني بجيٽ ۾ 3 ارب عوام تي بار وجهي جشن ملهايو پيو وڃي، جي ڊي اي ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، هن چيو آهي ته نيپرا عوام کان فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي جنوري ۾ 4 رپيا 74 پئسا وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊسمبر جي بلن ۾ به 4 رپيا في يونٽ اضافي وصول ڪيو ويو

ڪراچي کي گئس نه ملي رهي آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، اڄ پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جو مظاهرو آهي، سڄي ملڪ ۾ هاري ڀاڻ جي کوٽ سبب پريشان آهن، هن سان ڪڻڪ جي فصل کي نقصان ٿيندو۽ اٽي جو بحران ٿيندو