ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وومين پروٽيڪشن ويلفيئر ٽرسٽ پاران شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف داخل درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ پراسيڪيوشن آفيس جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گھري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کي جواب جمع ڪرائڻو آهي، عدالت سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ کي 12 اپريل تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست گذار جي وڪيل مزمل ممتاز جو چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻ ته ڦورو ڦر دوران شهرين کي قتل به ڪن ٿا پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، گھرو سيڪريٽري، پوليس، ايف آءِ اي  ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.