ڄام شورو (رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جو اشاعتي شعبو اداري جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان کي وڌيڪ فعال ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ اسان وٽ مختلف پروگرام آهن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته منهنجي خواهش هئي ته بورڊ جي پبليڪيشن شعبي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ ان کي جديد انداز سان تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ وڏي ڪشادي آفيس قائم ڪئي وڃي ته جيئن هن شعبي جا ورڪر پنهنجي ڪم کي وڌيڪ آسانيءَ سان سرانجام ڏئي سگهن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته ڪيترائي اڻڇپيل مسودا گرانٽ جي ناڪافي هجڻ سبب سالن کان ڇپائي لاءِ بورڊ ۾ رکيل آهن. ان کان علاوه بورڊ جي لائبريري ۾ به ناياب قلمي مخطوطات موجود آهن، جن کي شايع ڪري منظر عام تي آڻڻ تمام ضروري آهي. جيئن سنڌ جي عالمن جو قلمي پورهيو عام پڙهندڙن تائين پهچائي سگهجي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ وڌيڪ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته سڄي سنڌ مان نامياري عالمن ۽ اديبن جا قلمي مخطوطا گهرائي سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ ڪيا وڃن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته اسان سنڌي ادبي بورڊ ۾ رکيل مخطوطن جي ڇپائي لاءِ سنڌ حڪومت کي اسڪيم جوڙي موڪلي آهي ته قلمي مخطوطن جي ڇپائيءَ لاءِ اسان کي اسپيشل فنڊ ڏنو وڃي يا وري سنڌ گورنمينٽ پاڻ اهي مخطوطا ڇپرائي ڏي، ته جيئن سنڌ جي عالمن ۽ محققن جو قلمي پورهيو محفوظ ٿي سگھي. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پبلڪيشن آفيسر کي هدايتون ڏيندي چيو ته پنهنجي شعبي جي ڪم ڪار ۾ تيزي آڻين، ته جيئن سنڌي ادبي بورڊ طرفان وڌ کان وڌ ڪتاب شايع ڪري سگهجن. ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي ترجمي سان شايع ڪرايل ”قرآن مجيد“ جي رونمائي پڻ ڪئي وئي ۽ آخر ۾ مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ سنڌي ادبي بورڊ جي ترقيءَ لاءِ دعائيه ڪلمات تي پروگرام کي اختتام تي رسايو.