کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو جي وارڊ 4 جو رھواسي 48 ساله حميرو مينگھواڙ جيڪو پنھنجي گھر ڀاتين سان گڏ شھدادپور ۾ مائٽن جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ويل ھو جتان پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنھن جي وارثن پاران ڳولا پڻ ڪئي پر ھٿ نه اچي سگھيو، وارثن پاران ھمراهه کي ڳولڻ لاءِ پوليس ۽ وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي وئي آھي.