ملير (رپورٽر) پپري جي رهواسين پيرسن عورت پٺاڻي جتوئي، حسينا خاتون، اظهر علي جتوئي ۽ قربان علي جتوئي ۽ ٻين وارثن پاڪ ڪتاب کڻي ملير پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو نوجوان عبدالستار جتوئي پنهنجي ڀائٽي سان گڏ موٽر سائيڪل تي رڪشي جي رقم ڏيڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو ته پپري جي مين روڊ تي پرائيويٽ ڪار ۽ هڪ پوليس موبائل ۾ سوار ماڻهو تشدد بعد کيس کنڀي کڻي ويا، هنن چيو ته ٿاڻن جا چڪر ڪاٽڻ باوجود نوجوان جو 3 ڏينهن کان پتو ناهي پيو، هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته پوليس نوجوان کي  ڪوڙي مقابلي ۾ ماري نه ڇڏي، نوٽيس وٺي نوجوان آزاد ڪرايو وڃي.