ملڪاڻي شريف (ن پ ا) آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گنمبوهه  جي  کوسڪي شاخ  جي   آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به  جهڏو_ پنگريو روڊ تي  احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي غلام نبي چانڊيو، علي غلام چانڊيو، عثمان  چانڊيو، انور  چانڊيو،گهنور چانڊيو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ايس ڊي او آبپاشي رشوت نه ڏيڻ سبب اسان جي واٽر ڪورس  ون سي آر کي  غيرقانوني دڪو لڳائي  اسان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، پاڻي کوٽ سبب فصل ناهيون پوکي سگهيا، آبادگارن چتاءُ ڏنو ته اسان سان انصاف نه ٿيو ته ايندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪنداسين.