باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد تنيو واسي گونگو ۽ ٻوڙو نينگر  9 ورهين جو عرفان علي ولد مرحوم عبدالقادر تنيو آگسٽ مهيني ۾  گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو جنهن جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان آهن ، ان سلسلي ۾ گم ٿي ويل گونگي نينگر عرفان تنيو جي چاچي جاويد علي تنيو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ڀائيٽو عرفان علي تنيو جيڪو گونگو پڻ آهي  4 مهينا اڳ باقراڻي شهر وڃڻ لاءِ گهران نڪري ويو جنهن بعد گهر واپس نه آيو ۽ گم ٿي ويو.