شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ڇن بابو شاخ جي آر ڊي 88 وٽ تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش لڙھندو ڏسي علائقي واسين موقعي تي ئي ڪڍي ورتو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ايڌي سينٽر تي کڻائي آئي جتي معصوم ٻارڙي جو مڙھ ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان پوليس موجب معصوم ٻار هڪ ڏينهن اڳ جو ڄاول آھي جيڪو فوت ٿيل آهي. ٻئي طرف ايڌي رضاڪارن لاش لاوارث قرار ڏئي سهڻي مائي قبرستان ۾  دفنائي ڇڏيو.