اسلام آباد (بيورورپورٽ) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ کي خالي قرار ڏيڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته 60 ڏينهن دوران حلف نه کڻڻ تي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جو آرڊيننس آيو هو، جنهن تي اسحاق ڊار جي وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته بطور ڪامياب اميدوار 9 مارچ تي اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو. 29 مارچ 2018 تي نوٽيفڪيشن معطل ٿيو، سپريم ڪورٽ مان بحال ٿيو. هن چيو ته اسحاق ڊار تي آرڊيننس لاڳو نٿو ٿئي ڇو ته اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن معطل هو ته اهو حلف ڪيئن کڻي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته سوال اهوئي آهي ته اسحاق ڊار نااهل ٿيو آهي يا نه؟ وڪيل چيو ته آرڊيننس جو مدو هونئن به پورو ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏيڻ جو نوٽيس واپس وٺي. ڪوبه ميمبر 5 سال به حلف نه کڻي ته اهو نااهل نٿو ٿي سگهي. اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ 2 مهينن دوران حلف نه کڻڻ تي نااهلي جي شق ڪڍي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ميمبر چيو ته ترميمي ايڪٽ کان اڳ جيڪڏهن اسحاق ڊار نااهل هو ته هاڻ اهل ڪيئن ٿي ويو؟ اليڪشن ڪميشن قانون جي تشريح نٿو ڪري سگهي. وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران جاري ڪيل آرڊيننس غيرآئيني هو. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن حلف نه کڻڻ تي اسحاق ڊار جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.