لاهور(م ڊ) عمران خان جي ڀيڻ پنجاب ۾ پي ٽي اءِ جي حڪومت ۾ 70 ڪروڙن جي زمين 13 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري ورتي آهي. نجي ٽي وي سما ٽي وي جي رپورٽ موجب عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان ۽ سندس مڙس ليه جي علائقي نوان ڪوٽ ۾ ڪروڙين رپين جي زمين ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب اهو سودو اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي دور ۾ ٿيو. چبارا تعلقي ۾ 5 هزار 261 ڪنال ايراضي عظميٰ خان ۽ سندس مڙس احد مجيد خان خريد ڪئي. رپورٽ موجب زمين جي سودي کان اڳ ورڪ پلان تحت ان علائقي کي ترقي وٺرائي وئي، ان علائقي ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان هڪ واهه نڪرڻو آهي، اها زمين چونڊي ٻن منتقلين وسيلي خريد ڪئي وئي، زمين جو سودو 24 هزار رپيا في ڪنال جي حساب سان ڪيو ويو. پهرئين مرحلي ۾ 3 هزار 61 ڪنال ايڪڙ ايراضي خريد ڪئي وئي، ان جي قيمت 7 ڪروڙ 65 ڪل رپيا ادا ڪئي وئي، ان تي 11 لک رپيا ٽيڪس ادا ڪيو ويو. ٻي زمين 2200 ڪنال خريد ڪئي وئي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان زمين جي باري ۾ ڪا خبر نه آهي ته اها ڪٿي واقع آهي. ان زمين جي مالڪن جي 50 سالن تائين ڪا خبر نه هئي پر مالڪن کي ڳولي اها زمين خريد ڪري 21 مهينن بعد کاتا منقتل ڪيا ويا. ذريعن موجب اها زمين 70 ڪروڙ رپين جي آهي، ماڻهن کان زوري قبضا ورتا پيا وڃن ۽ اهو ڪم پرويز الاهي دور ۾ ڪيو پيو وڃي. 657 ايڪڙ زمين خريد ڪئي وئي آهي.