خيرپور (رپورٽر) فنڪشنل مسلم ليگ ضلع خيرپور جي اڳواڻ عقيل حيدر شاهه هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊ ضابطن جون سرعام ڀڃڪڙيون جاري آهن، چونڊن دوران سئو سيڪڙو ڌانڌلين جو خدشو آهي، اليڪشن ڪميشن  معاملي جو نوٽيس وٺي. هن جو چوڻ هو ته اليڪشن قانون موجب ڪوبه ايم پي اي ۽ ايم اين اي چونڊن دوران اميدوارن جي ورڪ نٿو ڪري سگهي، ان جي باوجود چونڊ ضابطن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪرائڻ عدليه جو ڪم آهي پر هي اليڪشن ڊپٽي ڪمشنرن، مختيارڪار ۽ ايس ڊي ايم معرفت ڪرائي پئي وڃي جنهن ۾ سئو سيڪڙو ڌانڌليون ٿيڻ جو خدشو آهي. حڪمران جماعت سرڪاري ملازمن ذريعي اليڪشن کٽڻ چاهي ٿي پر اهڙي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.