شاهپورچاڪر (ن پ ا)  بلدياتي اليڪشن جي پهرين مرحلي جي سلسلي ۾ شاهپورچاڪر ۾ اميدوارن طرفان جوڙ توڙ ۽ ڊور ٽو ڊور ورڪ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت شهر جي ڪل آبادي 31920 آهي،جڏهن ته شهر  کي 8 وارڊن ۾  تقسيم ڪيو ويو آهي  26 جون تي ٿيندڙ چونڊ ۾ شاهپورچاڪر ۾ به روايتي سياسي حريف پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي هڪ ٻئي  کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته هن ڀيري شاهپورچاڪر مان پي ٽي آءِ به ڪجھه وارڊن تي پنهنجن اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي، متحده قومي مومينٽ پاڪستان جا به 3 وارڊن تي اميدوار  اليڪشن کٽڻ لاءِ  پرعزم آهن،  جميعت علماءِ اسلام (ف) جا اميدوار  به 2 وارڊن تي پنهنجي قسمت آزمائيندا . جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جي 8 وارڊن مان 5 وارڊن تي ڪانٽي جي مقابلي جا امڪان آهن. اميدوارن ۾  جان محمد خاصخيلي، صدام حسين خاصخيلي، عابد علي ڏاهري، آصف عڪي سنجراڻي، گل محمد ڏاهري، محمد يامين ۽ ٻيا شامل آهن.