واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي ڪانگريس جي ميمبر الهان عمر ايوان نمائندگان  ۾ ڀارت ۾ انساني حقن ۽ مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙين تي قرار داد پيش ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو وڃي. قرارداد پيش ڪندڙن ۾ راشده طالب ۽ جوآن ورگاس به شامل آهن.