ٺٽو  ( رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) جھمپير ويجھو ڳوٺ يعقوب بروهي لڳ ڪوئلي جي کاڻ مدينا ڪول مائنز تي ڪم ڪندڙ 3 پورهيت وزير پٽ يوسف بروهي، اڪرم پٽ سهراب بروهي ۽  شير خان پٽ رفيق بروهي اوچتو ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڌٻجي ويا. اطلاع تي کاڻ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ مقامي ڳوٺاڻن گڏيل طور تي ريسڪيو ڪري هڪ پورهيت وزير پٽ يوسف بروهي کي زخمي حالت ۾ ڪڍي علاج لاءِ حيددرآباد اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ڌٻيل ٻن پورهيتن 30 ورهين جي اڪرم بروهي ۽ 24 ورهين جي شير خان بروهي جيڪي پاڻ ۾ چاچو ۽ ڀائٽو ٻڌايا وڃن ٿا جن جي لاشن کي لاڳيتو ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوشش بعد ريسڪيو ڪري ٻاهر ڪڍي جھرڪ اسپتال منتقل ڪيو جتي اسپتال جي ضروري ڪاروائي ٻنهي پورهيتن جي مڙهن کي وارث سندن ڳوٺ يعقوب بروهي کڻائي ويا ٻنهي پورهيتن جا مڙهه پهچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن جھمپير توڙي هتان جي مختلف علائقي واسين پاران چيو ويو آهي ته جھرڪ، جھمپير ۽ ميٽينگ اسٽيشن ڀرسان 40 کان مٿي ڪوئلي جون کاڻيون آهن پر اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي جانين جي حفاظت لاءِ ڪي به جوڳاءَ اپاءَ ناهن ورتل، جنهنڪري ڪوئلي جي کاڻين تي اڪثر پورهيتن جي کاڻين ۾ ڌٻجي فوت ٿيڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن هنن چيو ته هنگامي حالتن دوران ڪوئلي جي کاڻين جي ٺڪيدارن توڙي معدنيات کاتي پاران نه ڪوئي پورهيتن جي لاءِ ايمبولينس جي سهولت آهي نه ئي وري ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتبن کي آڪسيجن سلينڊرن جي ڪا سهولت آهي جڏهن ته فوت ٿي ويل پورهيتن جي وارثن پڻ شديد رد عمل ظاهر ڪندي ڪوئلي جي کاڻين جي ٺڪيدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪندي وس وارن کان گھر ڪئي آهي ته جھرڪ ، جھمپير ۽ ميٽينگ جي ڀرپاسي ۾ قائم ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم ڪندڙن پورهيتن جي جانين جي حفاظت لاءِ جوڳن بندوبست ڪرڻ سان گڏ هر ڪول مائنز تي پڻ ايمبولينس جي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي.