پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل ۾ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن ڏيو مل ميگھواڙ،بجو ميگهواڙ ۽ ٻين پاران پريس ڪلب اڳيان بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظآهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان ڳوٺ عطا حسين مري جا رهواسي آهيون، علائقي جي بااثرن اسان  جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته بااثر لڏائڻ چاهي ٿو، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڳوٺ جي وڏيري فرحت مري ۽ جاويد مري ٻڌايو ته معمولي ڳالھ تان ڇوڪرن جو پآڻ ۾ جھيڙو ٿيو، اسان وچ ۾  پئي مامرو ٽاري ڇڏيو پر ان جي باوجود ميگهواڙ برادري جا ڪجهه ماڻهو بنا جواز ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن.