ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چوپائي مال کي ويڪسين نه ٿيڻ سبب چوپائي مال ۾ مختلف بيماريون پکڙجڻ سبب وڏي تعداد ۾ چوپايو مال جي مرڻ واري خبر پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد لائيو اسٽاڪ کاتي پاران نوٽيس ورتو ويو،  جنهن بعد  ڊاڪٽر عبدالعني بجير، ڊاڪٽر ھوتو مل مالھي پاران ڍورونارو دڙو، لکون موري، ساڍر، سينڌل رستي، الياس موڙ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پهچي چوپائي مال کي ويڪسين ڪئي.