جروار (ن پ ا) يارو لنڊ جي رهواسي پورهيت دلشير لنڊ کي بااثر 1500 رپين جي معاملي تان تشدد جو نشانو بڻائي  مرڻينگ ڪري ڇڏيو، پورهيت جي وات مان رت اچڻ لڳي. تفصيل موجب يارو لنڊ جي رهواسي پورهيت دلشير لنڊ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مون ڏي سراج احمد پنجابي جا 1500 رپيا رهيل هئا، وقت تي واپس نه ڪري سگهڻ سبب هن مون کي هڪ ڪمري ۾ بند ۾ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو. سخت تشدد سبب وات مان رت اچي وئي، جنهن ڪري بيهوش ٿي ويس. بااثر سراج مون کي ڪمري ۾ بند ڪري هليو ويو. هوش ۾ اچڻ تي دانهون ڪيم ته پاڙيسرين پهچي ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو. پورهيت وڌيڪ ٻڌايو ته مان اهڙي عمل خلاف ٿاڻي تي به ويس پر پوليس اين سي به داخل نه ڪئي. غريب پورهيت آھيان، مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن يارو لنڊ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو اسان وٽ ڪير نه آيو آھي، جيڪڏھن پورهيت تي تشدد ٿيو آھي ته جاچ بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.