رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ نيڪ محمد بروهي ۾ رات دير  سان اڻ ڄاتل چور ڳوٺاڻي خميسو خان بروهي جي گھر ۾ داخل ٿي مينهن ڪاهي وڃي رهيا هئا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا. ڀاڳين چورن جي پويان لڳي هڪلون ڪيون ته چورن سندن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 28 سالن جو خميسو خان پٽ قلندر بخش بروهي ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن امام بخش، ڪريم بخش، جبل خان، عطاءُ الله، عجب گل ، محمد علي، قلندر بخش، لشڪر، امان الله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀانڊو قبو وٽ رتوديرو – شڪارپور انڊس هاءِ وي روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مقتول جي ڀائرن امام بخش ۽ ڪريم بخش بروهي دانهيندي چيو ته رات دير سان چور اسان جي گھر اندر گھڙي آيا ۽ اسان جي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ڪاهي وڃي رهيا هئا ته اسان چورن جو پيڇو ڪندي انهن جي ويجھو ٿياسين ۽ کين هڪلون ڪيوسين ته چورن اسان مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب ڀاءُ قتل ٿي ويو ۽ چور فرار ٿي ويا. هنن چيو ته سرڪاري پيري جا گارڊ ان ۾ ملوث آهن، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او رتوديرو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري مقتول جو لاش پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا. هوڏانهن ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي رتوديرو ٻڌايو ته اسان هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ مقتول جا وارث ايف آءِ آر ۾ جيڪي نالا ڏيندا انهن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.