لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) نواز ليگ اڳواڻ حمزا شهباز جي ضمانت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو 24 فيبروري جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي حمزا شهباز جي ضمانت رد ڪئي وڃي، فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ حقيقتن کي نظرانداز ڪيو. نيب درخواست موجب حمزا شهباز جو ڪيس هارڊ شپ جو نٿو ٺهي، کيس ضمانت ڏيڻ سان نيب انڪوائري ۾ خلل پئجي رهيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون جي نظر ۾ برقرار نٿو رکي سگهجي. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حمزا شهباز کي ضمانت ڏني هئي.