سکر/کهڙا (نمائندن وٽان) ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي طرفان کھڙا واسڻ تھمينا خلجي واري معامري جو نوٽيس وٺي ايڊيشنل آءِ جي آفيس جي ڪمپلينٽ سيل جي انچارج غلام علي جماڻي کي جاچ آفيسر مقرر ڪرڻ بعد متاثر تھمينا خلجي، الزام ھيٺ آيل ايس ايڇ او اعجاز مگسي ۽ وڏي منشي شوڪت جتوئي جاچ آفيسر وٽ پھچي پنھنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا آھن، اڄ جاچ جي سلسلي ۾ جاچ آفيسر انسپيڪٽر غلام علي جماڻي کھڙا پھچي زميني حقيقتون جاچڻ ۽ رھيل بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ جاچ رپورٽ مڪمل ڪري ڊي آءِ جي سکر حوالي ڪندو، ٻئي طرف بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد متاثر تھمينا خلجي خيرپور جي سماجي اڳواڻ شھناز شيخ سان گڏ سکر پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي دانھيو آھي ته ايس ايڇ او مون کي دوڪي سان گهرائي پرائيويٽ ڪار ۾ کڻي زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گھٽ وڌ ڳالهايو، هن وڌيڪ چيو ته ايڇ او اعجاز مگسي ۽ نذير اڄڻ ڪيترين ئي نياڻين سان ظلم ڪيا آھن پر بااثر ھجڻ ڪري انھن خلاف ڪا به ڪارروائي ناھي ٿي، ھن چيو ته مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته سماجي اڳواڻ شهناز شيخ چيو ته ايس ايس پي خيرپور ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي نه پيو ڪري ۽ ساڻس گڏ بيٺل آھي، هن چيو ته انڪوائري رپورٽ اچڻ تائين ايس ايڇ او کي معطل ڪيو وڃي ھا پر اُھو پنھنجي ڪرسي تي ويھي متاثر خاندان کيهراسان پيو ڪري، هن چيو ته جيڪڏهن جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل نه ٿي ته روڊن تي نڪري احتجاج ڪنداسين.