سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ جي يوسي گهرام  مري ۾ پ پ پاران  چيئرمين جي اميدوار   غلام سرور جتوئي پاران ايس يو پي جو جھنڊو لڳائڻ ۽  ڪمال خان جتوئي واري پينل جي حمايت ڪندڙ لاکاٽ جي رھواسي غريب مسڪين طوطو ڪنڀر کي فون ڪري سري عام گار گند ۽ ڌمڪيون  ڏيڻ واري وڊيو  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.  رابطي ڪرڻ تي طوطل ڪنڀر جو چوڻ آهي ته  مون ايس يو پي جو جھنڊو لڳايو  آهي  ان ڪري وڏيرو گاريون پيو ڏي ڪجهه ماڻهو  موڪلي موت مار ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن،  اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ٻي پاسي ايس يو پي اميدوار ڪمال خان جتوئي چيو آهي ته ووٽر آزاد ھئڻ گھرجي. ٻي پاسي رابطي  ڪرڻ تي الزام ھيٽ آيل  غلام سرور جتوئي ٻڌايو ته  طوطل ڪنڀر جو پنهنجي برادري سان مسئلو آهي  ان ڪري منهنجو آواز پراڻو آهي  ان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.