ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)   يوسي تاجوخاصخيلي   جي  چيئرمين جي سيٽ تي بيٺل علي نواز شاهه جي حمايت يافته آزاد اميدوار ياسين بلوچ جي گهر  بلوچ فارم تي مبينا حملو ڀڃ ڊاھ ۽ فائرنگ جا اطلاع، حملي خلاف حمايتن ميرواھ گورچاڻي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، رابطو ڪرڻ تي ياسين بلوچ ٻڌايو ته منهنجي گهر تي حملو پ پ وارن ڪرايو آھي، اسان کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرائي ويندي.